ڊاڪٽر سيمي جمالي

ڊاڪٽر سيمي جمالي

سيمي جمالي ڊاڪٽر

سيمي جمالي، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر سيمي جمالي 19 آگسٽ 1961ع تي غلام الله دين محمد ميمڻ جي گهر لاهور ۾ جنم ورتو. سندس والد جو تعلق هالا پراڻا جي مشھور ميمڻ خاندان سان هو ۽ سنڌ جي ناڻي کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل رهي چڪو هو. 1986ع ۾ نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج مان MBBS جي ڊگري حاصل ڪئي. 1988ع ۾ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (JPMC) ۾ ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿي. 1993ع ۾ پرائمري هيلٿ ڪيئر مئنيجمينٽ ۾ ماسٽرس جي ڊگري ٿائلينڊ مان ورتي. 1995ع ۾ JPMC جي ايمرجنسي واري شعبي جي انچارج مقرر ٿي. آمريڪا مان، ايمرجنسي ڪيئر ۾ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ فيلوشپ ڪئي. ان کان علاوه جانز هاپڪنز اسڪول آف پبلڪ هيلٿ مان عوامي صحت جي پاليسي ۽ زخمن جي روڪٿام جي موضوع تي، کيس پوسٽ ڊاڪٽريٽ فيلوشپ اسڪالرشپ سان به نوازيو ويو، 2010ع ۽ 2016ع ۾ JPMC اسپتال جي جوائنٽ ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو. انسانيت جي خدمت واري جذبي سبب ‘آئرن ليڊي’ جي نالي سان پڻ سُڃاتي وئي. 33 سالن جي سروس کان پوءِ 19 آگسٽ 2021ع تي رٽائرڊ ٿي. سندس خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان کيس تمغهء امتياز ۽ اعزازي ليفٽيننٽ ڪرنل جي اعزاز سان نوازيو. 27 مئي 2023ع تي ڪينسر جي موذي مرض سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.08.19  عيسوي

ڊاڪٽر سيمي جمالي 19 آگسٽ 1961ع تي غلام الله دين محمد ميمڻ جي گهر لاهور ۾ جنم ورتو.


2023.05.27  عيسوي

ڊاڪٽر سيمي جمالي 27 مئي 2023ع تي ڪينسر جي موذي مرض سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمن شاهه شهيد
جان پولن
خانچند درياڻي
شيخ صادق علي انصاري
شاهه محمد
حافظ محمد 2
سيد نذر محمد شاهه
جمالي مصري خان
جامي چانڊيو
سلطان محمود خان بکري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون